صالح مرزا جو مقبرو

صالح مرزا جو مقبرو

صالح مرزا جو مقبرو

صالح مرزا جو مقبرو: هن مقبري جو ڪوٽ مرزا عيسيٰ خان ترخان پهرئين ۽ باقي بيگ ترخان جي مقبرن جي وچ تي، عبدالله شاهه اصحابي جي اوڀر طرف ۽ مڪليءَ جي بلڪل ڪناري تي آهي. ڪوٽ جي ماپ 72 فوٽ X 61 فوٽ 7 انچ آهي. اولهه واري ڀت ۾ محراب اٿس. اندر ڀراءُ پيل آهي. اندرئين پاسي ٿلهي جي ماپ 44 فوٽ 5 انچ X 29 فوٽ آهي، جنهن تي ٽي قبرون آهن. وچئين قبر ميان صالح مرزا جي آهي. جيتوڻيڪ مرزا صالح کي 970هه ۾ قتل ڪيو ويو هو. پر مقبرو سندس پيءُ عيسيٰ خان ترخان جي موت (973هه/1565ع) کانپوءِ تعمير ڪيو ويو. قبر واري ٿلهي کي گلن جي چٽساليءَ سان اڪيري سينگاريو ويو آهي. هر هڪ گل ور وڪڙ طرز جي گولاين ۾ هيٺ مٿي ڪري چٽيو ويو آهي. مرزا صالح جي وچين قبر جو هيٺيون پٿرائون لوڙهٽ گهٽ اوچائي واري دڪيءَ تي جوڙيو ويو آهي. مٿئين پاسي واري لوڙهٽ جو پٿر ٻن طبقن تي جڙيل آهي. مٿئين چوڪنڊي بٺيءَ واري پٿر انهين لوڙهٽ تي ٻه خوبصورت اڪيريل سنگينون هڪ پيراندي کان ۽ ٻي سيراندي کان رکيون ويون آهن. انهن سنگينن کي ڪنڊن تي تابوت جيان پاوا آهن. هيٺئين پٿرائين لوڙهٽ کي ليٽيل سنوت ۾ ڇهه اڪيريل خوبصورت قطارون آهن. وچئين قطار وڏي اهميت واري آهي. جنهن ۾ جهالردار (Lobed) ونگن جي قطار ڏنل آهي. هر هڪ ونگ الڳ آهي ۽ جنهن تي گل واري چٽسالي اڪيريل آهي. سڀ کان مٿي گول دائري واري طرز آهي، مٿيون چوڪنڊو پٿرائين لوڙهٽ ٽن ليٽيل ۽ هڪ اڀي ليڪ سان ڇهن خانن ۾ ورهايو ويو آهي. هرهڪ خاني ۾ عربي لکت نظر اچي ٿي. سيراندي ۽ پيراندي وارا چونٺا ٽن موڙن واري ونگ وٽ ختم ٿين ٿا. جن جي هر هڪ مهاڙي ۾ گل چٽ جي اڪير ٿيل آهي، ڪجهه هيٺ ڀرو، ٻن ليڪن مهاڙي کي ٽن ڀاڱن ۾ ورهائي ڇڏيو آهي ۽ هر هڪ ڀاڱي ۾ عربي لکت موجود آهي. هن ڪوٽ جي ٻاهران پٿر جون ٻه ٻيون قبرون به ڏسڻ اچن ٿيون، جن تي چونٺا پڻ لڳل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو